ڀوپالي محسن

ڀوپالي، محسن: اردو زبان جي نامياري شاعر محسن ڀوپاليءَ جي والد جو نالو حاجي محمد عبدالرزاق هو. هو 29 ڊسمبر 1932ع تي ڳوٺ سگالپور ضلعي هوشنگ آباد، ڀوپال سينٽرل جيل، انڊيا ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم حبيبه مڊل اسڪول ۽ اليگزينڊر هاءِ اسڪول ڀوپال ۾ حاصل ڪئي. 1947ع ۾ والدين سان لاڙڪاڻي اچڻ کانپوءِ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ 1948ع ۾ داخلا ورتائين، جتان 1951ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر 1954ع ۾ پاس ڪري وڌيڪ ٽن سالن جي ڪورس ڪرڻ لاءِ انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين، جتان 1957ع ۾ ڪورس پاس ڪرڻ بعد سنڌي ٻوليءَ جو محڪمه جاتي امتحان 1959ع ۾ پاس ڪيائين. ان کانپوءِ ايم. اي (اردو)، ٻي پوزيشن ڪراچي يونيورسٽي مان 1979ع ۾ ڪيائين.
محسن ڀوپالي صاحب 12 جون 1952ع تي سنڌ حڪومت جي تعميرات کاتي ۾ اوور سيئر طور ملازمت جو آغاز ڪيو ۽ 28 جولاءِ 1993ع تي ايگزيڪيوٽو انجنيئر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. محسن ڀوپالي مختلف شعبن سان لاڳاپيل رهيو، جنهن ۾ شاعري، صحافت، ادب، تنقيد، ثقافت ۽ رانديون شامل آهن. هو 1978ع ۾ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول جي هاڪي ٽيم جو ٻن سالن تائين ميمبر رهيو. ڪاليج جي مئگزين جو ايڊيٽر پڻ رهيو. ان کان سواءِ جوائنٽ سيڪريٽري بزم ادب لاڙڪاڻو، سيڪريٽري بزم اقبال گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻو (54-1955ع)، علائقائي رائٽرس گلڊ جي مجلس عامله جو رڪن (62-1965ع)، ميمبر مرڪزي مجلس عامله رائيٽرس گلڊ (65-1970ع)، ميمبر صوبائي مجلس عامله رائيٽرس گلڊ (74-1980ع)، ڪنوينر مجلس يادگار اقبال (62-1968ع)، جنرل سيڪريٽري ايوان ادب ڪراچي (1965ع کان آخر تائين) ۽ ميمبر گورننگ باڊي آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ کان سواءِ چيئرمئن ادبي ڪميٽي 1995ع شامل آهن. ڀوپالي صاحب لاڙڪاڻي ۾ ڪاليج دوران ڪيترن ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي، جن ۾ ”ڪشمڪش“ (5 مارچ 1950ع)، ”تعليم بالغان“ (21 ڊسمبر 1956ع)، ”ايڪ حمام مين“ (19 فيبروري 1958ع)، ”اڇي مرزا“ (28 فيبروري 1959ع)، ”انڌيري اجالي“ (21 ڊسمبر 1959ع) قابل ذڪر آهن. ڀوپالي صاحب 1947ع کان شاعري شروع ڪئي ۽ 1948ع ۾ سندس شاعري مختلف رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳي.
سندس شاعـريءَ، سـفــرنـامن، تـرجـمـن ۽ مـضـمــونن جـا هـيـٺيــان ڪتـاب ڇپيل آهن: (1) ”شڪست شب“ (1961ع)، (2) ”جـستح جسته“ (1969ع)، (3) ”نــظـمــانــي“ (1975ع)، (4) ”هــاجـره“ (1981ع)، (5) ”حـيـرتـون ڪي سـر زمين“ (آمريڪا ۽ ڪئناڊا جو سفرنامو: 1992ع)، (6) ”مجموعه سخن“ (1993ع)، (7) ”منظر پتلي مين“ (1995ع)، (8) ”ريگزار ڪي ڦول“ (سنڌي شاعرن جي منتخب ڪلام جو ترجمو)، (9) ”روشني تو دئي ڪي اندر هي“ (غزل ۽ نظم: 1996ع)، (10) ”جاپان ڪي چار عظيم شاعر“ (ترجمو: 1997ع) ۽ (11) ”نقد سخن“ (مضمون: 1998ع). هن جا ڪالم، شاعري ۽ سوين مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن.
محسن ڀوپالي اردو، ادب ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾ هڪ قابل احترام نالو آهي. کيس نظم، غزل، قطعن ۽ هائيڪن لکڻ ۾ مهارت حاصل هئي. هن مختلف ملڪن ۾ منعقد ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۽ عالمي مشاعرن ۾ ڪافي دفعا شرڪت ڪري مڃتا اوارڊ پڻ حاصل ڪيا. جهڙوڪ: ڪيليفورنيا پاران 8 ڊسمبر 1990ع ۾ اوارڊ، ”دي لابي“ پاران 27 آڪٽوبر 1992ع ۾ ”جشن محسن ڀوپالي“ اوارڊ ، 24 اپريل 1994ع تي ايم. اي. جناح هائوس لنڊن ۾ ”جشن تقريب ادبي اوارڊ“، 30 اپريل 1994ع تي ”بزم ادب و فن گلاسگو“ پاران شيلڊ، 10 نومبر 1994ع شام همدرد، 13 جولاءِ 1996ع ”نشان سپاس“ ڀوپال لورز انٽرنيشنل فورم، سنڌ اسپيڪر اوارڊ 1997ع، اردو مرڪز نيويارڪ پاران جشن محسن 4 جنوري 1997ع جهڙيون اهم تقريبون آجياڻا ۽ اوارڊ شامل آهن. هو 1947ع کان 1971ع تائين لاڙڪاڻي جي ٺاٺارا گهٽيءَ ۾ رهيو ۽ 1971ع وارن نسلي فسادن جي ڪري ڪراچي لڏي آيو ۽ اتي رهڻ لڳو. سندس وفات 18 جنوري 2007ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.12.29  عيسوي

محسن ڀوپالي 29 ڊسمبر 1932ع تي ڳوٺ سگالپور ضلعي هوشنگ آباد ، ڀوپال سينٽرل جيل ، انڊيا ۾ ڄائو


2007.01.18  عيسوي

محسن ڀوپالي جي 18 جنوري 2007ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ٿي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سرور علي سرور سلاوٽ
سچل سرمست
خير محمد سوز
ڦتن پُرسواڻي
پٺاڻ محمد علي
اوڌو داس وشنداس ڀارواڻي
منشي ٻالچند
محمد روشن ٺٽوي
راشدي سيد ڪليم الله شاهه
اختر ثانوري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون